شير محمد شيرل

شير محمد شيرل: مشهور شاعر شير محمد ’شيرل‘ ولد نور محمد چني جو جنم 1894ع ڌاري ڳوٺ موچي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس شمار سنڌ جي قادر الڪلام شاعرن ۾ ٿيندو هو. 1921ع ۾ خلافت تحريڪ دوران، سنڌ جي مسلمانن افغانستان ڏانهن هجرت ڪئي ته هن به ان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ افغانستان ويو. پر ڪجهه وقت کانپوءِ ڪن مجبورين سبب واپس لاڙڪاڻي آيو. ان دوران سموري سفر کي منظوم بيتن ۾ ‘هجرت جو سفرنامو ’ لکيائين. سندس شاعري ڪافين، مولودن ۽ بيتن تي مشتمل آهي.
شير محمد شيرل 1951ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو